پير شهمير جو مقبرو

پير شهمير جو مقبرو: پير شهمير جو مقبرو ڄامڙن جي قبن واري قبرستان ۾ تعلقي گنبٽ، ضلعي خيرپورميرس جي ڳوٺ مين آگرا ۾ واقع آهي. سيد شهمير لڪياري خاندان مان پنهنجي وقت جو اهل الله شخص ٿي گذريو آهي. مقبرو قبرستان ۾ آهي، چؤڌاري قبرون اٿس. اڱڻ کي ديوار ڪڍي احاطو ڏنو ويو آهي. اڱڻ جي فرشبندي وغيره ٿيل نه آهي. مقبرو پڪين سرن جو، سيمنٽ جي اوساريءَ سان جديد طرز تعمير جو ٺهيل آهي. مهاڙيءَ ۾ ٽائيلس هڻي ديوار تي جنسار ڪيو ويو آهي. نوڪدار رنگ ۾ چوڪاٺي سان ڪاٺ جو دروازو اٿس، دروازي جي ٻنهي پاسن کان جارا اٿس. ٻيڙٻني کان ٿورو ئي هيٺ ڪالمن ۾ الله تعالى، حضور ڪريم صه ۽ اصحابن جا نالا تحرير ڪيل آهن. ڇت سيمنٽ جي اٿس. ٻيڙٻني تي مهاڙيءَ وٽان سرون ٻاهر ڪڍي ڪناري ٺاهي وئي آهي. اٺ ڪنڊو ڳچ ٺهيل آهي، جنهن تي سائي رنگ جو گول گنبذ آهي. گنبذ تي نيل نصب ٿيل آهي. مقبري ۾ اندر پير شهمير لڪياري جي مزار ڪاٺ جي چبوتري ۾ آهي. عقيدتمند مزار جي زيارت ڪرڻ لاءِ ايندا رهن ٿا. مقبري جي ڀر ۾ ئي پراڻو ڦٽي ويل کوهه آهي.


لفظ پير شهمير جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو